گلگت بلتستان – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسلام آباد ۾ سياسي بيروزگار گڏ ٿيا آ??ن، اهي جيترا ڏينهن چاهين احتجاج ڪن، کاڌو ختم ٿيڻ تي کين فراهم ڪيو ويندو، حڪومت ته نن??ڙي شيءَ آهي آئون هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيان پر انهن کي نه ڇڏيندس، جيستائين ڪرپشن ڪندڙ جيل ۾ نه ويندا ۽ عوام آڏو مثال نه بڻجندا تيستائين ڪرپشن جو خاتمو نه ٿيندو، غربت جو سڀ کان وڏو سبب ڪرپشن آهي، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي ڪارڪنن کي پتو ئي نه آهي ته اهي ان احتجاج ۾ ڇو شريڪ آ??ن، آئون الله سان واعدو ڪري آيو آهيان ته انهن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيندس. گلگت بلتستان ۾ آزادي ??ي ڏهاڙي جي موقعي تي وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چ??و ته جڏهن ملڪ ۾ ڪرپشن ٿيندي ??هي ته ادارا تب??هه ٿي ويندا آهن ۽ ملڪ جي تب??هي جي ذميدار ڪرپشن هوندي ??هي.