اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي پاڪستان طرفان عوام کي انسا??ي بنيادن تي نهايت ضروري مدد جي فراهمي لاءِ گڏيل قومن جي ڪوششن کي ڀليڪار ڪندي چيو آهي ته پائيدار ترقي کي يقي??ي بڻائڻ ۽ انساني حقن جي احترام کي هٿي وٺائڻ لاءِ افغانستان ۾ سياسي استحڪام ۽ امن گهربل آهي. امن ان وقت تائين مستحڪم ۽ پختو نه ٿو ٿي سگهي جيستائين افغانستان کي پيش معاشي ۽ مالياتي گنجائش فراهم نه ٿي ٿئي. افغانستان ۾ انساني صورتحال تي اعليٰ سطحي وزارتي اجلاس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته مسئلا ڏکيا آهن، افغانستان ويجهو هڪ ڪروڙ 80 لک عوام کي ان صورتحال ۾ انسا??ي بنيادن تي امداد جي اشد ضرورت آهي. هن چيو ته هن اهم ۽ نازڪ مرحلي تي افغانستان جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻو پوندو جنهن ۾ مالي ۽ سياسي حمايت ٻئي شامل آهن. هن وقت ترقياتي شراڪتداري جي ضرورت آهي. قوم جي تعمير ۾ حمايت گهربل آهي. افغان آبادي جي انسا??ي بنيادن تي گهربل ضرورتن کي پورو ڪرڻو پوندو. پائيدار حل جي گهرج آهي ته ترقياتي منصوبا آندا وڃن، روزگار جي فراهمي جا موقعا پيدا ڪيا وڃن ۽ خوراڪ، صحت ۽ تعليم جهڙين بنيادي ضرورتن کي افغان عوام تائين رسائي کي يقي??ي بڻائجي. پرڏيهي وزير چيوته افغانستان جي اندر انساني صورتحال تي توجهه ڏ??ند?? اسان کي لکين انسان افغانين کي نه وسارڻ گهرجي جيڪي ٻين ملڪن ۾ رهائش اختيار ڪيو ويٺا آهن جن جي لاءِ گذريل سالن ۾ عالمي امداد م گهٽتائي آئي آهي. عالمي ذميواري جي اصول ۽ وزن کڻڻ ۾ حصيدار تحت پناهگيرن جي ميزباني ڪندڙ ملڪن خاص طور تي ڪورونا جي موجوده شڪل جي صورتحال دوران حمايت ۽ مدد ڪئي وڃي. هن چيو پاڪستان پنهنجي حصي طور افغانستان ۾ انسا??ي بنيادن تي ڪوششن ۾ ڪيترن ئي قسمن جي مدد ڪندو آيو آهي جن ۾ بين الاقوامي ادارن جي عملي جي نيڪالي، ۽ ٻئي هنڌ منتقلي کان علاوه ف??ائي ۽ زميني رستن سان خوراڪ ۽ امداد جي فراهمي لاءِ انسا??ي بنيادن تي راهداري جو قيام شامل آهي. اسان هوائي جهازن ??ري??ي افغانستان کي کاڌي ۽ دوائن جي انسا??ي بنيادن تي فراهمي جو سلسلو اڳ ئي شروع ڪري چڪا آهيون. هي سلسلو زميني رستن زريعي جاري رهندو. پاڪستان گذريل چئن ڏهاڪن کان 30 لک کان وڌيڪ افغان مهاجرين جي ميزباني جاري رکيو پيو اچي. اسان هڪ ارب آمريڪي ڊالرن کان وڌيڪ رقم افغانستان ۾ ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن لاءِ رکي آهي. هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي ڇٽي هيٺ افغان عوام کي انسا??ي بنيادن تي امداد جي فراهمي ۾ مدد جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيون ٿا جنهن ۾ مختلف قسمن جي معاونت سامل آهي اسان اچ وڃ ۽ پاڪستان کان رستي جي فراهمي ??ري??ي گڏيل قومن جي انسا??ي بنيادن تي امداد جي فراهمي ۾ سهولتڪاري پڻ جاري رکنداسين.