اسلام آباد – 16 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباس?? غريب ۽ مستحق ماڻهن ک?? غربت مان ??مي??ه لاءِ ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرا?? جي گريجوئيشن پلان ج?? لاءِ بهترين عالمي طريقن ۽ ماضي جي تجربن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، هن اها ڳالهه بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) مان فائدو حاصل ڪندڙن ج?? لاءِ گريجوئيشن پلان جي باري ۾ بريفنگ جي صدارت ڪندي چئي. بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن ماروي ميمڻ، بي آءِ ايس پي جي سيڪريٽري عمر حميد خان ۽ ٻيا سينئر آفيسر به اجلاس ۾ موجود هئا. وزيراعظم کي گريجوئيشن جي حڪمت عملي جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو جيڪو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان فائدو حاصل ڪندڙن کي انهن جي گهريلو آمدني ۾ اضافي، هنرمند بڻائڻ جي تربيت ۽ انساني وسيلن جي ترقي سان گڏوگڏ ڀلائي کي فروغ ڏئي کين غربت جي چنبي مان ??مي??ه لاءِ ڪڍڻ لاءِ جوڙي پئي وڃي.