اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير علي عليزاده ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن سميت خطي جي مجموعي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين ??عاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ پائيدار سفارتي لاڳاپا هموار آهن، پاڪستان آذربائيجان سان لاڳاپ?? کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نه رڳو ثقافتي، مذهبي ۽ جاگرافيائي هڪجهڙائي آهي پر علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکن ٿا، پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ معاشي لاڳاپ?? کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جا موقعا موجود آهن. قومي اسيمبلي ۾ قائم پاڪ آذربائيجان پارلياماني دوست گروپ پارلياماني رابطن ۾ اضافي جي لاءِ مناسب فورم ثابت ٿي س??هي ٿو. ڪشمير جي مسئلي جو ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ اڻٽر آهي.