اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ مٽاسٽا جي ناڻي ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافي جي حوالي سان اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صلاحڪارن ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، شهزاد اڪبر، ڊاڪٽر عشرت حسين، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، ناڻي واري سيڪريٽري، ايف بي آر جي چ??ئرمين ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ مٽاسٽا جي ناڻي ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جي صورتحال ۽ ان ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ تجويز ڪيل تجويزن ۽ قدمن تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم جولاءِ 2020ع ۾ ٻاهرين ملڪ پاڪستانين طرفان موڪليل مٽاسٽا جي ناڻي ۾ واضح اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چ??و ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پ??ڪستاني ملڪ ۽ قوم جو سڀ کان وڏو قيمتي اثاث?? آهن، هن چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي جي حوالي سان ٻاهرين ملڪ رهندڙ پ??ڪستانين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي او??ين ترجيح آهي.