اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته توانائي جو شعبو ملڪي معيشت جي ترقي ۾ اهم اهميت رکندڙ آهي، صارفين ۽ صنعتن کي مناسب قيمت تي بجلي جي فراهمي، توانائي ج?? شعبي ۾ سڌارا حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ماضي جي حڪومتن طرفان ڪيل معاهدن، وقت سر انتظامي سڌارن کي هڪ پاسي رکڻ ??ان توانائي ج?? شعبي ۾ مختلف چئلينجز درپيش آهن جنهن جو بار عوام کي برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي، عوام جي مشڪلاتن جو چڱي ريت اندازو آهي ۽ حڪومت جي اها ڪوشش آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ استحڪام کي يقيني بڻايو ??ڃي ۽ جيستائين ممڪن ٿي سگهي عوام کي رليف فراهم ڪيو ??ڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بجلي جي قيمتن ۾ ممڪن گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان پنهنجي صدارت ۾ ٿيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو