ڊيووس – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن قائم ڪ??ڻ لاءِ آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪ??ي رهيو آهي، افغانستان ۾ امن سان وچ ايشيائي رياستن تائين رسائي ممڪن هوندي، سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرائڻ ??اءِ سرگرم ڪ??دار ادا ڪيو آهي، حڪومت معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۽ سڌي سنئين سي??پڪاري ۾ اضافي جي حڪمت عملي ت?? عمل پيرا آهي، اسان ڪرنسي کي مستحڪم ڪيو ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 75 سي??ڙو گهٽتائي ڪئي، غير ملڪي سي??پڪارن کي پرڪشش مراعتون ڏنيون پيون وڃن، پاڪستان جي سرزمين ڪيترين ئي قديم تهذيبن جو ڳڙهه آهي، سياحت کي فروغ ڏئي ملڪي معيشت کي تر??ي ڏئي سگهجي ٿي، پاڪستاني قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 70 هزار جانين جو نذرانو پيش ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي پاڪستان اسٽريٽجي ڊائلاگ کي خطاب ڪندي ڪيو.