لاهور – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي وٽ منطق ۽ دليل ختم ٿي ويا آهن ۽ هو ڪشمير کي هٿن مان ويندو ڏ??ي رهيو آهي، پاڪستان قدرن جي لحاظ کان دنيا جو ليڊر آهي، قوم کي عمران خان جهڙي مخلص قيادت ميسر اچي چڪي آهي، دنيا ڏسندي ته پاڪستان معاشي اعتبار سان ايتري قدر مستحڪم ٿين??و جو ان قوم جو ڪو به ثاني نه هوندو. هو الحمرا هال ۾ وزيراعظم عمران خان جي آمريڪا جي دوري جي ڏس ۾ ”پاڪستان جو عالمي ڪردار ۽ ڪشمير مس??لي تي اڳڀرائي“ جي عنوان سان سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو.