واشنگٽن-30 نومبر (اي پي پي) اڳوڻو آمريڪي پرڏيهي وزير هنري ڪنسجر 100 سالن جي عمر ۾ آمريڪي رياست ڪنيڪٽي ڪٽ ۾ پنهنجي گهر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. بي بي سي جي رپورٽ مو??ب هن آمريڪا جي صدر نڪسن ۽ صدر فورڊ جي انتظاميه دوران آمريڪا جي اعليٰ سفارتڪار ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار طور خدمتون سرانجام ڏنيون. ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل پنهنجي ڪيريئر دوران هن آمريڪي پاليسي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هنري ڪسنجر 1923ع ۾ ??رم??ي جي رياست باويريا جي يهودي جي والدين جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان نازي پارٽي جي ظلمن کان بچڻ لاءِ ??رم??ي کان فرار ٿي 1938ع ۾ آمريڪا پهتو. هن 1943ع ۾ آمريڪي شهريت حاصل ڪئي ۽ ٽن سال?? تائين آمريڪي فوج ۾ ۽ بعد ۾ ڪائونٽر انٽيلي جنس ڪور ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. هن چين سان سفا??تي لاڳاپن، اسرائيل ۽ ان جي پاڙيسرين وچ ۾ 1973ع جي يوم ڪپور جنگ جي خاتمي، پئرس امن معاهدي ۽ ويٽنام جنگ جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن 50 ساله بيواهه، پنهنجي هڪ اڳوڻي شادي مان ٻه ٻار ۽ پنج پوٽا پوٽيون سوڳوار ڇڏيون آهن. سندس مو?? تي اڳوڻي آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش، نيويا??ڪ سٽي جي اڳوڻي ميئر مائيڪل بلومبرگ، اڳوڻي صدر رچرڊ نڪسن جي ڌيئرن، ٽريشيا نڪسن ڪاڪس ۽ جولي نڪس آئرن هاور تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.