اسلام آباد -26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بي??ا روس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو وچ ۾ ٻه طرفي ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل فائديمند سهڪار ۽ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف وزيراعظم هائوس اچڻ تي بي??ا روس جي صدر لوڪا شينڪو جي آجيان ڪئي. صدر لوڪا شينڪو پاڪستان ۾ شاندار استقبال ۽ ميزباني تي وزيراعظم جو ٿورو مڃيو. ان موقعي تي وزيراع??م چيو ته پاڪستان بي??ا روس سان پنهنجن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، اوهان جو هي دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار ۽ شراڪتداري جون نيون راهون کولڻ ۾ انتهائي مددگار ثابت ٿيندو. ٻه طرفي ملاقات ۾ سياسي لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪا??ي، دفاعي سهڪار ۽ علائقائي مسئلن سميت مختلف موضوعن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن گذريل ڏهاڪن دوران پاڪستان ۽ بي??ا روس جي لاڳاپن جي سمورن رخن ۾ هاڪاري اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. گڏيل فائديمند سهڪار ۽ اقتصادي، واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو. وزيراعظم بي??ا روس جي صدر کي پاڪستان حڪومت جي ايڪسپورٽ تي ٻڌل اوسر ۽ دوست ملڪن سان سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ذريعي پاڪستان جي اقتصادي بحالي جي پاليسي بابت به آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي تي به ڳالهيون ڪيون.