اسلام آباد -25 نومبر (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي، ته نيشنل اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي 2019ع ۾ 2030ع تائين گئسن جي خارج ڪرڻ ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ۽ 30 سيڪڙو گاڏين کي ??ليڪٽرڪ وهيڪل ۽ 50 سيڪڙو موٽر سائيڪلن کي ??ي بائيڪس ۾ تبديل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي. ميسرز ??لت گروپ پاڪستان ۾ زرعي اوزارن جي تياري لاءِ هڪ جوائنٽ وينچر جو خواهشمند آهي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن ب??لا روس جي هڪ وفد سان ملاقات دوران ڪيو ج??هن جي اڳواڻي صنعتن واري وزير اليڪٽزينڊر يافيموا ڪري رهيو هو. ملاقات دوران ٻه طرفن لاڳاپن خاص ڪري صنعتي ۽ زرعي شعبي ۾ واڌ جي اهميت کي ??جاگر ڪيو ويو. ان موقعي تي مختلف شعبن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ صنعتي تعاون وڌائڻ جا طريقا ڳولهڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ب??لا روس سان فٽبال، بسترن جي سامان ۽ اهڙي طرح جي شين، راندين ۽ آئوٽ ڊور گيمز جو سامان، جوتا، رٻڙ جي شين، پلاسٽڪ ۽ ڌاتي شين جي روانگي واپار جي ڪافي صلاحيت رکي ٿو. ملاقات دوران ڌرين پاڪستان ۽ ب??لا روس جي وچ ۾ گهڻي رخي شعبن ۾ حصيداري کي ??ڳتي وڌائڻ جي عزم کي ورجايو. واپاري صلاحيتن کي ??جاگر ڪندي ب??لا روس جي وزير بڌايو ته ب??لا روس ساليانو 17.2 بلين ڊالرز جون شيون درآمد ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستاني شيعن کي ????لا روس جي مارڪيٽ ۾ جاءِ ڏني ويندي. هن اهم شين جي نشاندهي ڪئي جيڪو پاڪستان ۽ ب??لا روس کي ??وانگي واپار ذريعي ڪري سگهي ٿو، جنهن ۾ فٽبال، بسترن جون شيون، رانديون ۽پرڏيهي سامان، جوتا، رٻڙ، پلاسٽڪ ۽ ڌاتي شيون شامل آهن. هن زرعي مشينري ۽ ٽريڪٽرز مينيوفيڪٽرنگ پلانٽس جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ تي پڻ ڳالهيون ڪيون.جنهن کان پوءِ وفد جوائنٽ وينچرز تحت ٽيڪنالاجي جي منتقلي کان علاوه زرعي مشينري جي پيداوار ۽ ٽريڪٽر پلانٽس جي قيام ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير پنهنجي منصب کي پاڪستان ۾ زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته زرعي مشينري سان ڪم ڪندڙ ميسر ??لت گروپ پاڪستان ۾ زرعي اوزارن جي تياري لاءِ هڪ جوائنٽ وينچر چاهي ٿو. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين اليڪٽرڪ گاڏين جي شعبن ۾ ب??لا روسي سيڙپڪاري ۽ جوائنٽ وينچرز جي امڪانن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير چيو ته انجنيئرنگ ڊولپمينٽ بورڊ طرفان تقريبن 31 ڪمپنين کي مينيوفيڪچرنگ لائيسنس جاري ڪيا ويا آهن جنهن سان اهي پاڪستان ۾ ٻن کان ٽن ڦيٿن واريون اي وي تيار ڪري سگهنديون ۽ پيداوار جي انگن اکرن ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي. هن چيو ته نيشنل اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي 2019ع ۾ 2030ع تائين گئسن جي خارج ٿيڻ ۾ 50 سيڪڙو ج?? گهٽتائي ۽ 30 سيڪڙو گاڏين کي ??ليڪٽرڪ وهيڪلز (اي ويز)، 50 سيڪڙو بائيڪ کي ??ي بائيڪس ۾ تبديل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي. اي ويز کي ??يزي سان اختيار ڪرڻ ۽ اي وي ماحولياتي نظام جي ترقي لاءِ هڪ اي وي سيل قائم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ اي ويز کي هٿي ڏيڻ لاءِ اي بائيڪس لاءِ سبسڊي اسڪيم شروع ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي.