اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي، ??ه پاڪس??ان ۾ زيتون جي پوکائي لاءِ سازگار ماحول موجود آهي، ??ڪومت ملڪي گهرج پوري ڪرڻ ۽ قيمتي مٽاسٽا وارو ناڻو حاصل ڪرڻ لاءِ زيتون جي پيداوار تي ڌيان ڏئي رهي آهي. انهن خيالن جو اطهار هن البرڪه پاڪس??ان اوليو سمٽ 2024ع ۾ خصوصي مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪنهن به شعبي جي واڌ ويجهه لاءِ تحقيق وڏي اهميت رکي ٿي، ??رعي شعبي جي ترقي لاءِ ملڪ ۾ زرعي تحقيق جي شعبي کي اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪس??ان عالمي منڊي ۾ زيتون جي معياري مصنوعات جو روانگي واپار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ان موقعي تي البرڪه پاڪس??ان اوليو سمٽ 2024ع پاڪس??ان جي زيتون جي صنعت کي اڳيان وڌائڻ لاءِ اهم قومي ۽ عالمي ماهرن، پاليسيون ٺاهيندڙن ۽ صنعت جي رهنمائن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو. سمٽ ۾ زيتون جي شعبي جي هڪ م??فوظ پائيدار ۽ روانگي واپار لاءِ تيار سپلاءِ چين جي ترقي جي موضوع تي زيتون جي عالمي مارڪيٽن ۾ پاڪس??ان کي هڪ اهم رانديگر طور به اڀرڻ وارين صلاحيتن ت?? به زور ڀريو ويو.