اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اڄ اسانکي موسمياتي تبديلين جهڙن اڀرندڙ چئلينجز درپيش آهن، موجوده دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي ۽ اجتماعي ڪو??شون گهربل آهن. اسلام آباد ۾ ڏهين نيشنل پارلياماني ڊولپمينٽ ڪو??س ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي يوسف رضا گيلاني چيو ته جمهوري نظام ۾ پارليامينٽ سان گڏ پارليامينٽ ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن جو اهم ڪردار هوندو آهي. ان قسم ج?? ڪو??سز سان آفيسرن ۽ اهلڪارن جون صلاحيتون وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ڪو??س مان پبلڪ پاليسي ۽ قانون س??زي جي به بهتر آگاهي ملي ٿي. اميد آهي ته ڪو??س ۾ شريڪ آفيسر پنهنجو وقت بهترين انداز سان وقف ڪندا. نيشنل پارلياماني ڊولپمينٽ ڪو??س ۾ قومي اسيمبلي، سينيٽ، چئني صوبائي اسيمبلين، آزاد ڪشمير قانون س??ز اسيمبلي ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي جا گريڊ-17 جا آفيسر شريڪ ٿيا.