اسلام آباد- 05 نومبر (اي پي پي) وفاقي وزير احسن اقبال صوبائي مارڪيٽ ڪمپنين طرفان طلب ۽ رسد کي وقت کان پهريان مانيٽر ڪرڻ تي زور ڀريندي هدايت ڪئي آهي ته عالمي سطح تي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب پاڪستان ۾ ان ت??اس?? سان عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ صوبائي حڪومتن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن اها ڳالهه هتي نيشنل پرائس مانيٽرنگ ڪميٽي (اين پي ايم سي) جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چئي. اجلاس ۾ قومي انگن اکرن واري وفاقي اداري، منصوبا بندي وزارت ۽ ڪلي معيشت جي م??هر?? ۽ عملدارن شرڪت ??ئي. ان موقعي تي نعيم اظفر اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ملڪ ۾ ضروري شين جي قيمتن جي رجحانن تي بريفنگ ڏني. هن ٻُڌايو ته شماريات جي اداري مطابق ٽرانسپورٽ ۽ مرغي جي قيمتن ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. کنڊ جي قيمت عالمي مارڪيٽ ۾ گهٽ ٿيڻ کانپوءِ گهٽ ٿي ??هي?? جڏهن ته داليون، پٽاٽو، چانور ۽ اٽي جي قيمتن ۾ به گهٽتائي ٿي آهي. هن ٻُڌايو ته عالمي مارڪيٽ جي رجحان سبب پام آئل جي قيمت ۾ اضافو ٿيو آهي. وفاقي وزير صوبائي مارڪيٽ ڪمپنين طرفان طلب ۽ رسد کي وقت کان پهريان مانيٽر ڪرڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته شماريات کاتي جي صلاحيتن کي ڪتب آڻڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير پيٽرول جي قيمتن ۽ ڪِراين کي چيڪ ڪرڻ جي هدايت ??ئي. زراعت کي ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي قرار ڏيندي هن چيو ته ڪڻڪ جي پيداوار وڌائڻ لاءِ وقت سر قدم ضروري آهن. زرعي ??دفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ بزنس پلان جي اڳواٽ تياري ۽ ويليو ايڊيشن تي به توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي.