اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اي??ز صادق چيو آهي ته پاڪستان- قازقستان وچ ۾ پار??يا??اني رابطن ۾ ٻه طرفه لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ??ري سگهي ٿو. پاڪستان، قازقستان سان پنهنجي دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. هن اها ڳالهه ڪالهه هتي پاڪستان ۾ قازقستان جي سفير يرزن ڪذافستان سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان قازقستان وچ ۾ گڏيل لاڳاپا مذهب، تاريخ ۽ ثقافت جي مضبوط بنيادن تي ٻَڌل آهن. اسپيڪر چيو ته پار??يا??اني رابطا ۾ واڌ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ??ري سگهن ٿا. قومي اسيمبليءَ ۾ قائم پاڪ- قازقستان پار??يا??اني فرينڊشپ گروپ ٻه طرفن پار??يا??اني رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ فعال ڪردار ادا ??ري رهيو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ واپاري ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. پاڪستان قازقستان سميت وچ اي??يائي رياستن سان اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. پاڪستان وچ اي??يائي رياستن کي گرم پاڻي تائين پهچ ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. وچ اي??يائي رياستن کي گرم پاڻي تائين پهچ لاءِ گوادر ويجهي بندرگاهه آهي. اسپيڪر اسلام آباد ۾ منعقد اي?? سي او ڪانفرنس ۾ قازقستان جي وزيراعظم جي شرڪت کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطحي دؤرن سان ٻه طرفه لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن. ان موقعي تي قازقستان جي سفير چيو ته قازقستان پاڪستان سان پنهنجن ويجهن دوستاڻن ناتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پار??يا??اني رابطن ۾ واڌ سان ٻه طرفه لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. سفير اي?? سي او ڪانفرنس جي ڪامياب منعقد ڪرڻ تي اسپيڪر کي مبارڪون ڏنيون ۽ـ چيو ته اي?? سي او ڪانفرنس جي خطي جي ترقي ۽ خوشحالي تي ڏور رس نتيجن مرتب ٿيندا. قازقستان جي سفير اسپيڪر کي پار??يا??اني وفد سان گڏ قازقستان جي دؤري جي دعوت به ڏني.