اسلام آباد- 05 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي م??تقل نمائندي من??ر اڪرم اڱاري ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزارت مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ ناڻي واري وزير جي م??تلف شراڪتدارن، مالياتي ادارن، واپاري ۽ س??ڙپڪاري بئنڪن، ٻه طرفي شراڪتدارن، ٿنڪ ٽينڪس ۽ حڪومتي عهديدارن سان منعقد مشاورت ۽ ڳالهين تي عملدرآمد ۽ اڳڀرائيءَ بابت مع??ملا بحث هيٺ آيا. ان موقعي تي من??ر اڪرم پاڪستان طرفان موسمياتي انصاف جي ضرورت ?? اهميت کي اجاگر ڪرڻ، موسمياتي م??لي مع??ونت ۾ اضافي ۽ اُسرندڙ ملڪن جي امداد لاءِ واپاري سڌارن کي هٿي وٺرائڻ جي ڪوششن تي روشني وڌي. هن ڊيميج اينڊ لاس فنڊ کي جلد کان جلد فعال ڪرڻ، 2021ع جي اسپيشل ڊرائينگ رائٽس الاٽمينٽ جو 50 سيڪڙو ٻيهر ترقياتي ڪمن ۾ استعمال ڪرڻ جي مع??هدي کي لاڳو ڪرڻ ۽ گڏيل قومن ۾ بين الحڪومتي عمل ذريعي سيڪريٽري جنرل طرفان پائيدار ترقيءَ جي هدفن لاءِ تجويز ڪيل قدمن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ عالمي سطح تي پاڪستان جي ڪوششن کي به اجاگر ڪيو. من??ر اڪرم ترقي يافته ملڪن طرفان پنهنجي م??موعي قومي آمدنيءَ جو 0.7 سيڪڙو سرڪاري ترقياتي امداد جي فراهمي جي عزم کي پوري ڪرڻ لاءِ واضح ۽ مختلف وقتن تي ٻَڌل روڊ ميپ واضح ڪرڻ ۽ گڏيل قومن تحت اوسرندڙ ملڪن ۾ پائيدار بنيادي ڍانچي ۾ سرڪاري ۽ نجي سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نظام جي جوڙجڪ جي سلسلي ۾ ڪوششن تي به روشني وڌي ته جيئن قرضن جي بار هيٺيان دٻيل ملڪن لاءِ تيز ۽ منصفاڻي قرض مع??في ۽ ري اسٽرڪچرنگ جي سهولت فراهم ڪري سگهي.