اسلام ??باد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي ) شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اج??اس ۾ شرڪت لاءِ ازبڪستان جو وزيراعظم عبد الله اريپوف پا??ستان پهچي ويو. نور خان ايئر بيس پهچڻ تي توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري مهمان وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. ان م??قعي تي ر??ايتي پا??ستاني لباس پهريل ٻارن وزيراعظم عبدالله اريپوف کي گلدستو پيش ڪيو. مهمان وزيراعظم لاءِ ريڊ ڪارپيٽ وڇايو ويو هو. پا??ستان ۾ ازبڪستان جو سفير، سفارتخاني جون اعلى اختياريون ۽ ٻيون سرڪاري شخصيتون پڻ موجود هيون .