اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ??يمبر ملڪن جي ڪائونسل آف دي هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جو 23هون ٻن ڏينهن وارو سربراهي اجلاس ڪالهه گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۾ شروع ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ تنظيم جي ??يمبر ملڪن جي ??يمبرن ۽ ٻين دعوت ڏنل رياستن جي ??مائندن جي ??اڪستان اچڻ جو سلسلو جاري آهي. وفاقي گاديءَ واري هنڌ جي جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿيندڙ حڪومت جي سربراهن واري اجلاس جي صدارت وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪائونسل جي ??وجوده چيئرمين جي حيثيت سان ڪندو. پاڪستان 26 آڪٽوبر 2023ع تي ڪرغزستان جي گاديءَ واري هنڌ بشڪيڪ ۾ ٿيل اجلاس ۾ 24-2023ع لاءِ حڪومت جي سربراهن جي ڪائونسل جي چيئرمين جي حيثيت سان پنهنجون ذميداريون ورتيون هيون. حڪومت جي سربراهن جي ڪائونسل شنگهائي سهڪار تنظيم اندر اهو ٻيو اعليٰ فورم آهي، جنهن جي بنيادي توجهه سماجي، اقتصادي، واپار ۽ مالياتي شعبن ۾ ميمبر ملڪن وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ تي آهي. ڪائون??ل سال ۾ هڪ ڀيرو اجلاس ڪندي آه?? ته جيئن تنظيم اندر گهڻ رُخي تعاون ۽ تر??يح?? شعبن جي حڪمت عملي خيالن جي ڏي وٺ، اقتصادي ۽ ٻين شعبن ۾ بنيادي ۽ اهم مسئلن جو تعين ڪري سگهجي ۽ ايس سي او جي بجيٽ کي منظور ڪري سگهجي. سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي ??يمبر ملڪن جي سربراهن ۾ چين جو وزيراعظم ۽ اسٽيٽ ڪائونسل لي چيانگ، بيلاروس جو وزيراعظم رومن گولوف چينڪو، قزاخستان جو وزيراعظم اوالزاس بيڪ تينوف، روس جو وزيراعظم ميخائل ميشوسٽن، تاجڪستان جو وزيراعظم ڪُهر رسول زاده، ازبڪستان جو وزيراعظم عبدالله عاريفوف، ڪرغزستان جي ??زيرن جي ڪابينه جي چيئرمين ظفروف عقيل بيڪ، ايران جو اول نائب صدر محمد رضا عارف ۽ ڀارت جو پرڏيهي وزير سبرامنيم جئه شنڪر شامل آهن. ان کان علاوه منگوليا هڪ مبصر رياست طور تي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي جنهن جي ??مائندگي وزيراعظم اويون اردين لويسنا مسرايي ڪري رهيا آهن. ترڪمانستان جي ??همان طور خاص نمائندگي ترڪمانستان وزيرن جي ڪابينه جو نائب چيئرمين راشد مريدوف ڪري رهيو آهي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ٻين اهم شخصيتن ۾ ايس سي او جو سيڪريٽري جنرل زانگ منگ، ڊائريڪٽر ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ايس سي او ريجنل اينٽي ٽيررسٽ اسٽرڪچر رسلان مرزايوف، بورڊ آف ايس سي او بزنس ڪائونسل جو چيئرمين عاطف اڪرام شيخ ۽ ڪائونسل آف ايس سي او انٽر بئنڪ يونين جو چيئرمين مارات يلي بائوف شامل آهن. وزيراعظم شهباز شريف تقريب ۾ شريڪ ٿيندڙ مهمانن جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏيندو. علائقائي اڳواڻ اربع 16 آڪٽوبر تي جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ معيشت، واپار، ماحوليات، سماجي ۽ ثقافتي رابطن جي شعبن ۾ جاري سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ تنظيم جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندا. اجلاس ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي ??يمبر ملڪن وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ تنظيم جي بجيٽ جي ??نظوريءَ لاءِ اهم تنظيمي فيصلا پڻ ڪيا ويندا. باضابطه اجلاس شروع ٿيڻ کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳواڻن جي آجيان ڪندو جنهن کان پوءِ گروپ فوٽو سيشن ٿيندو. اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن جي خطابن کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف جي آجياڻي وارن جملن سان اجلاس جي ڪارروائي شروع ٿيندي. اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن طرفان مختلف دستاويزن تي صحيحن کانپوءِ وزيراعظم پنهنجي ??فظن سان پُڄاڻي ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، ايس سي او جو سيڪريٽري جنرل زانگ منگ سان گڏ ٻن ڏينهن واري سربراهي اجلاس جي اهم نقطن ۽ نتيجن بابت ميڊيا کي آگاهي ڏيندا. وزيراعظم شهباز شريف اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن جي اعزاز ۾ اڄ مانجهاندو پڻ ڏيندو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هڪ بيان ۾ چيو آه?? ته پاڪستان طرفان شنگهائي تعوان تنظيم جي ??يمبرن ملڪن جي اڳواڻن جي اجلاس جي ??يزباني سان تنظيم جي ??قصدن ۽ اصولن لاءِ پاڪستان جي ??ستقل عزم جي عڪاسي ٿي رهي آهي. 2017ع ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جو ميمبر بڻجڻ کانپوءِ پاڪستان سدائين تنظيم جي ??يمبر ۽ پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ لاءِ مستقل ۽ تعميري ڪم ڪيو آهي.