اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاق?? گهرو وزير محسن نقو??، پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جي اجازت نه پر درخواست جو جائزو وٺڻ جي خاطري ڪرائي هئي. ايس سي او سربراهي ??ان??رنس ۽ سيڪيورٽي خدشن جي روشنيءَ ۾ ??يل ۾ سمورن قيدين سان ملاقات تي پابندي آهي، ڪنهن هڪ قيدي کي ملاقات جي اجازت ڏيڻ ٻين قيدين سان ٻٽو ??عيار ۽ ناروا سلوڪ جي زمري ۾ اچي ٿو. گهرو وزارت جي ترجمان موجب بئريسٽر گوهر علي، وفاقي وزير کي خط لکيو ۽ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جي درخواست ڪئي. گذريل ڏينهن وفاقي وزير سان بئريسٽر گوهر علي جي ٽيليفون تي ڳالهه ٿي. وفاقي وزير درخواست جو جائزو وٺڻ جي خاطري ڪرائي. ملاقات جي اجازت جي خاطري نه ڪرائي وئي.