اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته نئين شروعات لاءِ ماضيءَ جي روين ۽ واقعن تي افس??س جو اظهار ڪرڻ ضروري آهي، هائوس ڪميٽي ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي خدشن جي ازالي ۽ ب??ان??ي لاءِ ناهي پر ايوان جي تقدس ۽ هائ??س جو ب??ان??و مضبوط بڻائڻ لاءِٺاهي وئي آهي. ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجن خيا??ن جو اظهار ڪندي هن چيو ته بلاول ڀٽو زداري جي سُٺي تجويز تي اسپيڪر ڪميٽي جوڙي آهي، اها ڪميٽي ان لاءِ ٺاهي وئي آهي ته هائوس کي مناسب طريقي سان هلائي سگهجي ۽ ان جي تقدس کي برقرار رکيو وڃي پر ڪالهه ڪميٽيءَ جي ڪارروائي شروع ٿي ته ائين محسوس ٿي رهيو هو ته اها پي ٽي آءِ جي خدشن لاءِ بڻائي وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته ٻه ڏينهن پهرين ٿيل واقعي تي سڀني احتجاج ڪيو ۽ پي ٽي آءِ سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو ويو، ڪنهن پارليامينٽ تي حملي جي حمايت نه ڪئي پر هتي اتفاق راءِ کان پوءِ ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان سان اهي روح متاثر ٿيا جنهن لاءِ ڪميٽي ٺاهي وئي هئي. وفاقي وزير چيو ته هنن ڪالهه ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ به احتجاج ڪيو، مان ان ڪميٽيءَ جو ميمبر نٿو بڻجڻ چاهيان، مان پنهنجي پارٽيءَ کي چيو آهي ته ڪنهن ٻئي کي ميمبر بڻايو وڃي، اها ڪميٽي پنهنجو ب??ان??و نه پر هائ??س جي ب??ان??ي ۽ هائ??س جي تقدس لاءِ بڻائي وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته جڏهن پارليامينٽ لاجز مان ايم اين ايز کنڀيا ويا هئا ته ڇا ڪنهن اسان جو ساٿ ڏنو ۽ اسان جي آواز سان آواز ملايو، جڏهن نواز شريف جي گهر واري فوت ٿي وئي ته آخري وقت ۾ درخواستن باوجود سندس گهر واري سان ڳالهه ٻولهه نه ڪرائي وئي، ان وقت ايتري نفرت هئي جو کين ڳالهه ٻولهه جي به اجازت نه ڏني وئي. هن چيو ته گنڊاپور هڪ ڌيءُ ۽ ماءُ لاءِ جيڪي لفظ استعمال ڪيا آهن ڇا ڪنهن ان جي مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته پي ڊي ايم سميت هاڻ تائين ٻه سال مڪمل ٿي ويا آهن ڇا اسان نيب کي ڪنهن خلاف استعمال ڪيو آهي، ماضيءَ ۾ جهڙيءَ طرح نيب کي استعمال ڪيو ويو ڇا ڪنهن ان جي مذمت ڪئي، مخالف ڌر وارا احتجاج ضرور ڪن پر ماضيءَ تي به نظر وِجهن ته ان وقت ڇا ٿيندو رهيو. هن چيو ته 2013ع کان 2018ع تائين هن هائ??س جي اڱ?? تي قبضو ٿيو هو، پي ٽي وي هيڊ ڪوارٽر تي حملو ٿيو هو، ان کي ماضيءَ ۾ نظر وِجهڻ گ??رج?? ته سندن ماضي ڪهڙو رهيو آهي، جيڪڏهن نئين روايتن کي جنم ڏيڻو آهي ته ماضيءَ جي واقعن تي افس??س جو اظهار ڪرڻ ضروري آهي. خواجه محمد آصف چيو ته عدم اعتماد کان اڳ 20 منٽن ۾ 22 بل پاس ٿيا ۽ بعد ۾ اسيمبلي ختم ڪئي وئي، هاڻ اسان کي قانون ۽ قاعدو سيکاريو پيو وڃي، اهو طريقو سُٺي شروعات جو ناهي، سياست ۾ سُٺين روايتن کي قائم ڪرڻ گ??رج??. بچاءَ واري وزير چيو ته ماضيءَ ۾ اقتدار بچائڻ ۽ برقرار رکڻ لاءِ ايوان کي يرغمال رکيو ويو هو، منهنجي درخواست آهي ته ماضيءَ کي ڊليٽ ڪرڻو آهي ته معذرت ڪري وٺو، اسان اپوزيشن ميمبرن جي گرفتارين تي تنقيد ڪئي آهي پر ان جي دؤر ۾ اسان کي ته اسپيڪر تائين به رسائي نه هئي.