اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته ڪراچي م??ڪ جو اهم ترين شهر ۽ ملڪ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ڪراچي جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي، متحده قومي م??ومينٽ پاڪستان حڪومت جي انتهائي اهم اتحادي پارٽي آهي، اتحادي پارٽين جي تعاون سان ملڪي ترقي جو ڪم تيزي سان جاري آهي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي م??ومينٽ پاڪستان جي چيئرمين، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير خالد مق??ول صديقي جي قيادت ۾ متحده قومي م??ومينٽ پاڪستان جي وفد ملاقات ڪئي. وفد وزيراعظم جي قيادت ۾ معاشي پاليسين جي ڪري م??انگائي جي شرح سنگل ڊيجٽ تي اچڻ تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد وزيراعظم کي ڪاروبار دوست پاليسين ۽ برآمدي صنعت جي ترقي جي لاءِ قدمن کي پڻ ساراهيو. وفد وزيراعظم کي معيشت جي ترقي جي لاءِ تجويز??ن ۽ ملڪي معاشي مرڪزن خاص طور تي ڪراچي جي ماڻهن جي خوشحالي جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون. وفد ۾ قومي اسيمبلي م????بر?? ڊاڪٽر محمد فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال ۽ سيد امين الحق شامل هئا. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته متحده قومي م??ومينٽ پاڪستان حڪومت جي انتهائي اهم اتحادي پارٽي آهي، اتحادي پارٽين جي تعاون سان ملڪي ترقي جو ڪم تيزي سان جاري آهي. وزيراعظم چيو ته ڪراچي م??ڪ جو اهم ترين شهر ۽ ملڪ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ڪراچي جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي. ملاقات ۾ سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۽ ٻين شهري علائقن جي مسئلن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، قان??ن ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن ۽ بين الصوبائي رابطن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا.