اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زه??ه بلوچ چيو آهي ته قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر سردار اياز صادق بيلاروس جي ايوان جي چيئرمين جي دعوت تي بيلاروس جي سرڪاري ??وري ??ي هڪ پارلياماني وفد جي قيادت ڪئي. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر منسڪ ۾ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو، ايوان جي چيئرمين ايگور سرجينيڪو، بيلاوس جي ڪائونسل جي چيئرپرسن نتاليه ڪوچانووا ۽ زراعت واري وزير انٽولي لينيوچ سان ملاقات ڪئي. انهن ملاقاتن ۾ ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۽ پارلياماني مٽاسٽا ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي وڌائڻ جي عزم جو ??رج??ءُ ڪيو. ڌريون زراعت، صنعت، تعليم ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي جاري ??کنديون خاص طور تي ٻطرفي واپار کي وڌايو ويندو. اسپيڪر سردار اياز صادق بيلاروس جي ايوان جي چيئرمين جي دعوت تي 19 کان 22 آگسٽ تائين بيلاروس جي سرڪاري ??وري ??ي پارلياماني وفد جي قيادت ڪئي.