اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نوجوانن کي وسيلا مهيا ڪرڻ سان ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جو ??واب پورو ٿيندو، 10 لک شاگردن کي ٽيبليٽس ۽ سمارٽ فونز ڏينداسين، هواوي جي تعاون سان 3 لک نوجوانن کي آءِ ٽي جي تربيت ڏني ويندي، هڪ هزار زرعي گريجوئيٽس کي اسڪالرشپ تي چين موڪليو ويندو، پاڪستان جي اقتصادي بحالي ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي منصوبي جو ??لد اعلان ڪندس. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن نوجوانن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم دولت مشترڪه ايشيا يوٿ الائنس جي سيڪريٽريٽ، ڊيجيٽل لرننگ پورٽل، گرين يوٿ موومينٽ، اي آءِ فار يوٿ ۽ قومي رضاڪار ڪور جاري ڪرڻ جو پڻ افتتاح ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ اسان نوجوانن جو ??المي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، آزادي جو ڏهاڙو به اچي رهيو آهي، الله تعاليٰ عوام جي خدمت جو موقعو ڏنو، پنهن??ي ليڊر نواز شريف جي قيادت ۾ عوام جي خدمت ڪئي، ماضي ۾ پنجاب صوبي ??ي نوجوانن جي خدمت ڪئي، هاڻي پوري پاڪستان ??ي نوجوانن جو ??ادم بڻجي خدمت ڪندس. هن چيو ته نوجوان ئي ملڪ جي قسمت بدلائي سگهن ٿا، انهن نوجوانن کي موجوده دور جي گهرجن موجب جديد تعليم جي زيور سان ليس ڪيو وڃي، مصنوعي ذهانت دنيا ۾ سڀ کان جديد تعليم جو هٿيار آهي، چين دنيا جو ٻيو وڏو ترقي يافته ملڪ آهي، هن جديد علم جي ذريعي ملڪ ۾ انقلاب برپا ڪيو، جيڪڏهن اسان انهي رستي تي نوجوان نسل کي وسيلا فراهم ڪريون ته ملڪ ۾ نوجوان نسل خوشحالي جو ??هڙو انقلاب آڻيندي جنهن سان آزادي جي ڏهاڙي جون گهرجون پوريون ٿينديون، اسان جي وڏن پاڪستان ??ي لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون، قائداعظم محمد علي جناح جي عظيم ليڊرشپ ۾ ان خواب جي تعبير ملي ۽ هاڻي انهن نوجوانن کي ان جي تڪميل ڪرڻي آهي، نوجوانن کي هر ممڪن وسيلا فراهم ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته دانش اسڪولن ۾ پٺتي پيل علائقن جي ٻارن تعليم حاصل ڪئي، پاڪستان وٽ وسيلن جي کوٽ نه آهي، 77 سالن ۾ قرضن جا جبل بڻجي ويا، امير ۽ غريب جي زندگين ۾ وڏو فرق آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي مضبوط ارادي ۽ محنت سان اڳتي وڌڻو پوندو، اهي نوجوان وسيلا ملڻ تي ملڪ کي عظيم بڻائي سگهن ٿا. هن چيو ته اعليٰ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ 10 لک شاگردن کي ميرٽ ۽ شفافيت تي مفت سمارٽ فونز ڏنا ويندا ۽ ان کانسواءِ ليپ ٽاپس پڻ ڏنا ويندا، صوبا به نوجوانن ??ي لاءِ پروگرام هلائي رهيا آهن، هڪ هزار زرعي گريجوئيٽس کي اعليٰ تعليم ??ي لا??ِ چين موڪليو ويندو، انهن جي جديد ٽيڪنالاجي جي تعليم حاصل ڪرڻ ملڪي ترقي ??ي لاءِ مددگار ٿيندو، هواوي سان گڏجي 3 لک ٻارن کي آءِ ٽي جي تربيت ڏني ويندي، ايس ايم ايز جي ذريعي نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪيا ويندا، آسان شرطن تي قرض ڏنا ويندا، پاڪستان جي اقتصادي بحالي ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي منصوبي جو ??لد اعلان ڪندس. هن چيو ته اسان کي ما??ي مان سبق حاصل ڪري اڳتي وڌڻو آهي ۽ ملڪ جي تقدير کي بدلائڻو آهي، اسان جي محنت ڪڏهن به رائيگان نه ويندي. هن چيو ته قومي راند هاڪيءَ جي بحالي اسان جي اولين ترجيح آهي، ارشد نديم پاڪستان جو نالو بلند ڪيو، 40 سالن کانپوءِ پاڪستان کي سون جو ??مغو مليو، مايوسي کي پٺتي وجهي روشنين طرف وڃڻو آهي، ڏينهن رات محنت سان پاڪستان عظيم بڻجندو. تقريب دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف آن لائين رجسٽريشن ڪرائي قومي رضاڪار ڪور جو ??ضڪار بڻجي ويو، وزيراعظم کي قومي رضاڪار ڪور جو ??يج پڻ هنيو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم قومي رضاڪار ڪور ??ي لاءِ لوگو ڊيزائن ڪندڙ اقصيٰ جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم بهترين صلاحيتن جو مظاهرو ڪندڙ نوجوانن ۾ يوٿ ايوارڊز پڻ ورهايا. تقريب کي خطاب ڪندي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته اڄ نوجوانن جو ??المي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، پاڪستان عظيم قربانين ??ي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو، پاڪستان ۾ ٽيلينٽ جي ڪا کوٽ نه آهي، دنيا جا ڪيترائي ملڪ اسان کان پٺتي هئا، هاڻي اڳتي نڪري ويا، انهن ملڪن ترقي ڪئي، جتي سياسي استحڪام رهيو. هن چيو ته پاڪستاني قوم محنتي، ذهين ۽ ايماندار آهي، ملڪي ترقي ??ي لاءِ نوجوانن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، نوجوانن کي ارشد نديم جي زندگي مان سبق سکڻ گهرجي، ارشد نديم پنهنجي غربت کي پيرن جي زنجير بڻجڻ نه ڏنو، نوجوانن کي چوندس ته ڪوڙين خبرن تي ڌيان نه ڏين. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو ته اڄ تجديد عهد ۽ عزم جو ڏينهن آهي، اڄ جو ڏينهن نوجوانن کي هڪ پليٽ فارم ڏيڻ جو ڏينهن آهي، نوجوان ملڪي ترقي ۾ حصو وجهڻ چاهين ٿا، پاڪستان ۽ نوجوانن جو ??ستو روڪڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ??ي لاءِ اهم فيصلا ڪيا، وزيراعظم پنجاب کانپوءِ سڄي ملڪ ??ي نوجوانن ??ي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، اسان جو ??زم پاڪستان کي مستحڪم ۽ خوشحال بڻائڻ جو ??هي. هن چيو ته نوجوانن کي ڊيجيٽل جي جديد ترين تربيت ڏينداسين ۽ انهن ۾ ليپ ٽاپس ورهائي رهيا آهيون، شهباز شريف اسان جو ??ول ماڊل آهي، هو ڏينهن رات ملڪ ??ي لاءِ ڪم ڪري ٿو، ميرٽ ۽ شفافيت جي بنياد تي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي قومي هاڪيءَ ٽيم جي ڪپتان شڪيل بٽ ۽ دانش اسڪول مان تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن وزيراعظم جي ويزن کي ساراهيو.