لاهور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ميرٽ ۽ شفافيت کانسواءِ ڪنهن به شعبي ۾ ترقي ممڪن نه آهي، ڪرڪيٽ اسٽيڊيم کي ??ديد رخن تي قائم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، حڪومت راندين جي فروغ جي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي پئي، ڪرڪيٽ يا هاڪيءَ جي راند جي روشن يادن کي ٻيهر تازو ڪرڻ گهرجي، شائقين کي ??اند جي بهتري جي حوالي سان تمام گ??ڻيون اميدون واڳيل آهن، جلد راندين جي ميدان ۾ وڃايل مقام حاصل ڪنداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار قذافي اسٽيڊيم لاهور جي تعمير جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي ??طاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير ۽ پي سي بي چيئر??ين محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پنجاب قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ احمد خان، سينيئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب ۽ ٻيا به موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته حڪومت راندين جي فروغ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، اسان جي نوجوانن ۾ تمام گ??ڻو ٽيلينٽ موجود آهي، خواهش آهي ته اسان راندين ۾ وڃايل مقام ٻيهر حاصل ڪنداسين. هن چيو ته ميرٽ کانسواءِ ڪنهن به شعبي ۾ ترقي ممڪن نه آهي، سڀني شعبن ۾ شفافيت جي ڪلچر کي فروغ ڏي?? جي لاءِ قدم کڻي ??هي?? آهيون، جلد ملڪ بحران مان نڪري ويندو. محمد شهباز شريف ماضي جو حوالو ڏيندي چيو ته 50ع کان 80ع جي ڏهاڪي تائين راندين جي ميدان ۾ اسان جي ٽيمن جو راڄ هو پر بدقسمتي سان سفارشي ڪلچر، راندين سميت ٻين شعبن جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڪرڪيٽ اسٽيڊيم کي ??ديد رخن تي قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. مون کي ??وشي آهي ته چيئر??ين پي سي بي محسن نقوي قذافي اسٽيڊيم جي نئين سر تعمير ۽ انفراسٽرڪچر کي ??ديد رخن تعمير ڪرڻ جو قدم کنيو آهي. ويجهي ماضي وانگر اهو منصوبو به جلد مڪمل ڪنداسين. وزيراعظم شهباز شريف محسن نقوي کي مخاطب ڪندي چيو ته جهڙي طرح توهان قذافي اسٽيڊيم جي نئين سر تعمير ڪرڻ وڃي ??هي?? آهيو اهڙي طرح قومي ٽيم جي به نئين سر جوڙجڪ ڪئي وڃي. ڪرڪيٽ تي تمام گ??ڻو ڌيان ڏنو وڃي. رڳو ميرٽ تي رانديگرن جي چونڊ کي نظر ۾ رکيو وڃي. ڪرڪيٽ ٽيم جي نئين سر جوڙجڪ هڪ تمام وڏي ڪاميابي هوندي. هن چيو ته ٽيم ۾ رانديگرن جي چونڊ ۾ ڪنهن به سفارش کي نه مڃيو وڃي ڀلي وزيراعظم به توهان کي ??فارش ڪري. توهان کي ??ڳو ميرٽ کي ??رجيح ڏي??ي آهي. ڇو ته سفارشي ڪلچر جي خاتمي سان ئي ڪرڪيٽ، هاڪي سميت ٻين راندين ۾ ملڪ جو ٻيهر نالو روشن ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته جڏهن ٽيم ميدان ۾ لهندي آهي ته ان جي پويان مائرن، ڀينرن، ڀائرن، جڏهن ته سڄي قوم جون دعائون هونديون آهن، شائقين جون راند ۾ بهتري جي حوالي سان ڪيتريون ئي اميدون واڳيل هونديون آهن. مون کي ??ميد آهي ته اسان جلد راندين جي ميدان ۾ پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪري وٺنداسين.