اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان زراعت جي شعبي ۾ چين جي ڪاميابي مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي، گوادر ف??ي زون ۾ بنيادي سهولتن جي بنا تعطل فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن چيئرمين زهانگ بن جي قيادت ۾ چيني ڪمپني هينگينگ ٽريڊنگ ڪمپني جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري کي ڀليڪار چئون ٿا. هن چيو ته منهنجي چين جي تازي دوري دورا?? پاڪستان ۽ چين جي ڪمپنين جي وچ ۾ وڏي پئماني تي بزنس ٽو بزنس ??عا??دا طئي ٿيا جيڪا انتهائي خوش آئنده ڳالهه آهي. هن چيو ته پاڪستان زراعت جي شعبي ۾ چين جي ڪاميابي مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو. وزيراعظم گوادر پورٽ اٿارٽي کي چيني ڪمپنين کي هر ممڪن سهولتون ڏيڻ ۽ گوادر ف??ي زون ۾ يوٽيلٽيز جي بنا تعطل فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وفد وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته هينگينگ ٽريڊنگ ڪمپني پاڪستان ۾ زراعت، لائيو اسٽاڪ، دوائن ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي، هينگينگ ٽريڊنگ ڪمپني 50 ملين ڊالر جي لاڳت سان گوادر ۾ جديد سهولتن سان ليس ڪوس گهر (سلاٽر هائوس) تعمير ڪري رهي آهي، ڪوس گهر جي تڪميل سا?? پاڪستان جي لائيو اسٽاڪ جي شعبي سان چين کي 30 ملين آمريڪي ڊالر تائين ساليانو جي برآمدات ٿيندي، ڪوس گهر ۾ مقامي ماڻهن جي لاءِ هڪ هزار جي لڳ ڀڳ نئين نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا. بريفنگ ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هينگينگ ٽريڊ ڪمپني فارماسيوٽيڪل مصنوعات کي گوادر ف??ي زون ۾ پراسيس ڪري چين کي برآمد ڪري رهي آهي. ان موقعي تي اقتصادي ??عا??لن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، ناڻي وارو مملڪتي وزير ع??ي پرويز ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ ??وج??د هئا.