اسلام آباد – 18 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڊائون سنڊروم ۽ آٽزم جو شڪار فلسطيني ن??جوان محمد بحر جي اسرائيلي فوج جي وحشي ڪتي جي حملي ?? مارجڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي پوسٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فلسطيني ن??جوان محمد بحر ڊائون سنڊروم ۽ آٽزم جو شڪار هو، اسرائيلي فوجين نوجوان تي ڪتي سان حملو ڪرايو ۽ ان کي مرڻ جي لاءِ ڇڏي ڏنو، ان اذيتناڪ واقعي کي بيان ڪرڻ جي لاءِ لفظ موجود نه آهن، الله تعاليٰ رحم فرمائي. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي پوسٽ ۾ ڊان نيوز جي خبر جو حوالو ڏنو. خبر موجب ڊائون سنڊروم ۽ آٽزم جو شڪار 24 سالا فلسطيني ن??جوان محمد بحر جي گهر تي اسرائيلي فورسز ڇاپو هنيو. ان دوران اسرائيلي فورسز جي وحشي ڪتي ن??جوان تي حملو ڪيو ۽ ان کي ماري ڇڏيو.