اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر فليپو گرانڊي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هن افغان پناهگيرن تي خصوصي ڌيان سان گڏ عالمي پناهگيرن جي صورتحال بابت وسيع مسئلن تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يو اين ايڇ سي آر جي وچ ۾ پراڻي تعاون تي پڻ خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هاءِ ڪمشنر فليپو گرانڊي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ۾ پاڪستان جي ڪوششن ۽ تعاون کي ??اراهيندي ان کي ملڪ جي مهمان نوازي جو هڪ شاندار مثال قرار ڏنو. هن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي يو اين ايڇ سي آر جي جاري منصوبن با??ت بريفنگ ڏني ۽ پاڪستان ۽ يو اين ايڇ سي آر جي وچ ۾ پائيدار رابطن ۽ تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير افغان پناهگيرن جي حوالي سان پاڪستان جي موقف ۽ ترجيحن کان پڻ آگا??ه ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سڄي دنيا ۾ اڀرندڙ نئين انساني صورتحال سان عالمي ڌيان کي لکين افغانين جي ضرورتن تان هٽائڻ نه گهرجي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير عالمي يڪجهتي جي مسلسل مظاهر?? ۽ ??المي ذميوار?? ۽ ??ار ونڊڻ جي اصول تي وفاداري سان عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ هاءِ ڪمشنر افغان پناهگيرن کي ??روري امداد جي فراهم?? ۽ ??نهن جي سٺي، محفوظ ۽ باوقار واپسي جي لاءِ پائيدار حل جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.