اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ??يو آهي ته پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وچ ۾ خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان گهرا رابطا آهن، پاڪستان ڪوريا جي صنعت، ننڍي پئماني جي صنعتن جي ترقي، آءِ ٽي ۽ آرٽيفيشل انٽيلي جنس جي شعبن ۾ تجربي مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ڏکڻ ڪوريا جي سفير پارڪ ڪي جون سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڏکڻ ڪوريا جي سفير وزير??عظ?? کي ڪوريا جي قيادت پاران ٻيو ڀيرو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزير??عظ?? ڏکڻ ڪوريا جي قيادت جي مبارڪباد واري پيغام جا ٿورا مڃيا ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزير??عظ?? ??يو ته پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وچ ?? لاڳاپا خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان گهرا رابطا آهن. هن ??يو ته ٻنهي ملڪن 1960ع جي ڏهاڪي جي شروع کان ئي اقتصادي ترقي جي لاءِ تعاون جي شروعات ڪئي. وزير??عظ?? ڏکڻ ڪوريا جي معيشت ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي رونما ٿيندڙ نمايان تبديلي کي ساراهيو. هن وڌيڪ ??يو ته پاڪستان ڏکڻ ڪوريا جي صنعت، خاص طور تي ننڍي پئماني جي صنعت جي شعبي جي ترقي، آءِ ٽي شعبي بشمول آرٽيفيشل انٽيلي جنس جي تجربي مان سکڻ جو خواهشمند آهي. وزير??عظ?? ڪوريا جي انساني وسيلن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان مان هنرمند افرادي قوت جي برآمد ۾ اضافي جي آڇ پڻ ڪئي. گڏيل طور تي فائديمند واپار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هن سيول ۽ اسلام آباد جي وچ ۾ واپاري وفدن جي مٽاسٽا جي تجويز پيش ڪئي. ان حوالي سان وزير??عظ?? ??يو ته هو ڪابينا جي لاڳاپيل وزيرن کي ڪوريا جي ڪمپنين پاران موجوده سيڙپڪاري سان گڏوگڏ نوان موقعا ڳولڻ جي لاءِ ڪوريا سان هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪندو. وزير??عظ?? صدر يون سڪ يول کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت پڻ ڏني. ڏکڻ ڪوريا جي سفير وزير??عظ?? جا ٿورا مڃيا ۽ ڪوريا جي حڪومت جي پاڪستان سان گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي، ثقافت، سياحت ۽ عوامي رابطن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.