اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي نئي صدر جي چونڊ لاءِ پولنگ (اڄ) ڇنڇر تي منعقد ٿيندي. پارل??ام??ٽ هائوس ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ قائم پولنگ اسٽيشنن تي چونڊيل ميمبر صبح 10 وڳي کان شام 4 وڳي تائين پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق استعمال ڪر?? سگهندا. صدارتي چونڊ ۾ حڪمران اتحاد جو اميدوار اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ سني اتحاد ڪونسل ۽ ٻين اپوزيشن پارٽين جو ??ام??د اميدوار محمود خان اچڪزئي وچ ۾ مقابلو آهي. سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر پارل??ام??ٽ هائوس ۾ اسيمبلي هال ۾ پنهنجو ووٽ وجهندا. صدر جي چونڊ گجهي راءِ شماري جي بنياد تي ٿيندو جتي سينيٽ، قومي اسيمبلي، بلوچستان اسيمبلي جي هر ميمبر جو هڪ ووٽ شمار ٿيندو جڏهن ته پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبرن جي انگ کي بلوچستان اسمبلي جي برابر ووٽن ۾ ور??ائي شرح ڪڍي ويندي. صدر مملڪت جي چونڊ لاءِ اليڪشن ڪميشن طرفان شيڊول پهرين مارچ تي جاري ڪيو ويو هو جنهن مطابق ??ام??دگي ڪاغذ 2 مارچ، انهن جي ڇنڊ ڇاڻ 4 مارچ، ??ام??دگي ڪاغذن جي واپسي 5 مارچ جڏهن ته ريٽائرمنٽ جي تاريخ 6 مارچ مقرر ڪئي وئي هئي. اليڪشن ڪميشن صدارتي چونڊ ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن کي چيو آهي ته اهي پولنگ جو عمل شروع ٿيڻ کان اڳ لاڳاپيل ايوان يا اسيمبلي جي ميمبرن ما?? هڪ هڪ پولنگ ايجنٽ ??ام??د ڪر?? سگهن ٿا جيڪو پولنگ ۽ ڳڻپ جي عمل جو مشاهدو ڪندو.