اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف ??يو آهي ته ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ 5 سالا معاشي روڊ ??يپ تي معيشت جي مختلف شعبن جي سمورن ڌرين سان عملدرآمد جي لاءِ مشاورت ڪئي وڃي، حڪومتي خرچن کي گهٽ ڪنداسين، زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٻاهرئين سيڙپڪاري، ننڍي ۽ و??ي پئماني جي صنعتن جي ترقي جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محم?? شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪي معيشت جي ترقي لاءِ 5 سالا معاشي روڊ ??يپ تي اعليٰ سطحي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ ايندڙ 5 سالن جو معاشي روڊ ??يپ پيش ڪيو ويو. مهانگائي ۾ گهٽتائي، غربت جي خاتمي ۽ روزگار جي فراهمي روڊ ??يپ جو حصو آهن. وزيراعظم محم?? شهباز شريف ??يو ته معيشت جي مختلف شعبن جي سمورين ڌرين سان ان پلان تي عملدرآمد جي لاءِ مشاورت ڪئي وڃي، وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ منصوبن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن منصوبن جي حوالي سان عملدرآمد جو شيڊيول ٺاهي پيش ڪيو وڃي. هن چيو ته زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٻاهرئين سيڙپڪاري، ننڍي ۽ و??ي پئماني جي صنعتن جي ترقي جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن، حڪومتي خرچن کي گهٽ ڪنداسين، غريب عوام جي پئسي کي وڌيڪ ضايع ٿيڻ نه ڏيندس. هن چيو ته ايندڙ 5 سالن ۾ ملڪي معيشت کي استحڪام ڏئي ان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ جدت سان اوڳاڙيون وڌائينداسين. وزيراعظم چيو ته زرعي شعبي ۾ به جدت سان في ايڪڙ پيداوار وڌائينداسين، نقصان ۾ هلندڙ حڪومتي ادارن جي ترجيحي بنيادن تي نجڪاري ڪئي ويندي. اجلاس ۾ وفاق?? وزيرن احسن اقبال، محمد اورنگزيب، احد خان چيما، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، مملڪت?? وزير شزه فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ روڊ ??يپ ۽ اهم شعبن ۾ تجويز ڪيل قدمن جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي بجلي، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ، برآمدي شعبي، وچولي ۽ ننڍي پئماني جي صنعت، ٽيڪس، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم انهن تجويز ڪيل قدمن تي سمورين ڌرين سان مشاورت ڪري هڪ ٺوس پلان جوڙڻ جي هدايت ڪئي.