اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چئني صوبن جي چ??ف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز کي هدايت ڪئي آهي ته هو سيڪيورٽي هاءِ ال??ٽ رکن ته جيئن ووٽرن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪري سگهجي. جاري بيان مطابق چيف اليڪشن ڪمشنر چئني صوبن جي چ??ف سيڪريٽريز ۽ـ آءِ جيز ??ان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ کين هدايت ڪئي ته سيڪيورٽيءَ کي هاءِ ال??ٽ رکيو وڃي ۽ جلد کان جلد مقرري کي مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن ووٽرن کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ۽ سمورن ڊي آر اوز ۽ آر اوز جي آفيسن کي محفوظ بڻائي سگهجي. چيف اليڪشن ڪمشنر چ??ف سيڪريٽري ۽ آءِ جي بلوچستان ??ان به دهشتگرديءَ جي ٻن افسوسناڪ واقعن تي ڏُک جو اظهار ڪيو ۽ وڌيڪ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ هدايتون جاري ڪيون ۽ يقين ڏياريو ته اليڪشن ڪميشن هر قسم جي معاونت ڪندي.