اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي معاشي صورتحال بهتر بڻائڻ جي لاءِ روانگي واپار وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، پاڪستان غيرملڪي ??مپنين سان گڏيل طور تي لاڀائتي ڪاروباري حصيداري چاهي ٿو. هو ايوان صدر ۾ لوڻ ۽ معدنيات جي شعبي جي آمريڪي ??مپني جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. وفد صدر کي لوڻ جي ??اڻ??ن، پراسيسنگ ۽ مارڪيٽنگ ۾ ڪمپني جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان مختلف شعبن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۽ جوائنٽ وينچرز جي فروغ جو خواهشمند آهي، پاڪستاني لوڻ جي بهتر پراسيسنگ، پئڪيجنگ ۽ مارڪيٽنگ سان قدر ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. پاڪستاني لوڻ اعليٰ معيار ۽ انتهائي گهٽ سيڙپڪاري سان حاصل ڪيو وڃي ٿو. حڪومت سيڙپڪارن کي سهولت پهچائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. عالمي سطح تي پاڪستاني لوڻ جي گهرج ۾ اضافي جي لاءِ اعليٰ معيار جي لوڻ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻو پوندو. صدر ميريڪل سالٽ ورڪس ڪمپني کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي ساراهيو. صدر ميريڪل سالٽ ورڪس ۽ پاڪستان منرل ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن جي وچ ۾ معاهدي تي صحيحن کي به خوش آئ??ده قرار ڏنو. وفد صدر کي پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ ۾ پاڪستان جي لوڻ جي ??اڻ??ن جي صلاحيت بابت ٻڌايو ته معياري ۽ منرل سان ڀرپور راڪ سالٽ سڄي دنيا ۾ رڳو پاڪستان ۾ هوندو آهي. پاڪستاني لوڻ گهٽ قيمت ۽ اعليٰ معيار وارو آهي. وفد ٻڌايو ته پاڪستان دنيا ۾ لوڻ جي وڏي مارڪيٽ مان فائدو کڻي سگهي ٿو. معدنياتي شين جي لحاظ کان پاڪستاني لوڻ جو معيار سڄي دنيا ۾ سڀ کان بهترين آهي. ذميواراڻي ??اڻ??ن جي کوٽائي، بهتر پراسيسنگ ۽ مارڪيٽنگ سان پاڪستان جي لوڻ جي قدر ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. وفد ٻڌايو ته ميريڪل سالٽ ورڪس ڪليڪٽو پاڪستان ۾ لوڻ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪندو. ڪمپني پاڪستاني لوڻ جي اعليٰ معيار جي ٽيڪنالاجي جي مدد سان ??اڻ??ن جي کوٽائي ۽ پراسيسنگ ڪندو. اعليٰ معيار واري ٽيڪنالاجي سان ??اڻ??ن جي کوٽائي ۽ پراسيسنگ دوران لوڻ جي ضايع ٿيڻ کي گهٽ ڪري سگهبو. ملاقات ۾ صدر ماحول دوست ۽ ذميواراڻي ??اڻ??ن جي کوٽائي جي فروغ تي پڻ زور ڏنو.