اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ?? پارلياماني معاملن ??ار?? ن??را?? وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس اسٽيشن تي دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي 10 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ?? پارلياماني معاملن ??ار?? ن??را?? وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۽ قوم جي حفاظت جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ بهادر فرزندن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته دهشتگرد ملڪ جي امن ۽ استحڪام جا دشمن آهن، دهشتگردي جون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. اطلاعات ?? پارلياماني معاملن ??ار?? ن??را?? وفاقي وزير چيو ته قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. ملڪي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. اطلاعات ?? پارلياماني معاملن ??ار?? ن??را?? وفاقي وزير دهشتگردي جي واقعي ۾ زخمي اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.