اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) سميت سمورين ??اڳاپيل ڌرين جي مع??شي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ نگران حڪومت جي مع??ونت کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ايندڙ چونڊيل حڪومت کي گهرجي ته ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ مع??شي پاليسين جي تسلسل ۽ ايس آءِ ايف سي جي قائم ڪيل مع??شي قدمن جي رفتار مان فائدو کڻي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جو نائون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، نگران وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، صوبائي وڏن وزيرن ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف وزارتن ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان جاري منصوبن، پاليسي قدمن ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو. ايپڪس ڪميٽي انهن منصوبن ۽ پاليسي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي مجموعي حڪومتي حڪمت عملي تحت مقرر ڪيل هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ مثبت ڪردار کي ساراهيو. ڪميٽي ملڪ جي معيشت جي بهتري لاءِ کنيل قدمن جو مجموعي طور تي جائزو ورتو ۽ انهن جي ڪاميابي کي خوش آئنده قرار ڏنو. ڪميٽي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ان جي صلاحيت کي ڀرپور طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ قدمن، افرادي قوت جي ترقي، مواصلاتي بنيادي ڍانچي جي بهتري ۽ مقامي تڪرارن جي حل لاءِ موثر طريقيڪار سان هڪ پائيدار نظام ٺاهڻ کي پڻ ساراهيو. ڪميٽي دوست ملڪن سان اقتصادي لاڳاپن تي اڳڀرائي جو جائزوو ٺندي انهن پاران سيڙپڪاري مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ کنيل قدمن کي پڻ ساراهيو. ڪميٽي اجلاس ۾ اسٽريٽجڪ ڪنالز ويزن 2030ع ۽ ايف بي آر سڌارن جي منظوري ڏني. آرمي چيف پاڪ فوج پاران ملڪ ۾ مع??شي استحڪام ۽ ماڻهن جي مع??شي ۽ سماجي بهتري جي لاءِ حڪومتي قدمن جي ڀرپور ساٿ جي عزم جو اظهار ڪيو. اجلاس جي پڄاڻي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل، سمورين ??زارتن، ادارن ۽ سمورين ??اڳاپيل ڌرين جي مع??شي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ نگران حڪومت جي مع??ونت ۽ مستقبل جي لاءِ هڪ عمده مثال قائم ڪرڻ ۾ ڪ??دار کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايندڙ چونڊيل حڪومت کي گهرجي ته ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ مع??شي پاليسين جي تسلسل ۽ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي قائم ڪيل مع??شي قدمن جي رفتار مان فائدو کڻي.