ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي 54 هين سالياني اجلاس جي موقعي تي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل ??يٽس سان ملاقات ڪئي، ??اڪ????ان ۾ سماجي تعاون جي ڪيترن ئي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سڄي ملڪ ۾ ڪوششن کي وڌائيندي انهن جي ثمرن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي ??اڪ????ان سان خاص طور تي عوامي صحت، سماجي قدمن ۽ مالياتي شموليت جهڙن شعبن ۾ ان جي اهم تعاون سان گڏوگڏ ڪورونا وبا ۽ 2022ع جي ٻوڏ دوران تعاون کي ساراهيو. نگران و??يراعظم ۽ بل ??يٽس ??اڪ????ان ۾ سماجي تعاون جي ڪيترن ئي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سڄي ملڪ ۾ ڪوششن کي وڌائيندي انهن جي ثمرن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نگران و??يراعظم غربت ۽ غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي گڏيل ڪوششن جو پڻ خاڪو پيش ڪيو.