اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن ۾ ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي موقف کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ??هي ته عالمي سطح تي ملڪ جي معاشي ڀلائي جي لاءِ موقعن جي نشاندهي ڪرڻ پاڪستان جي سمورن سفارتي نمائندن جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقبل نمائندي منير اڪرم سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو ??نهن ساڻس ملاقات ڪئي. نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ منير اڪرم کي گڏيل قومن جي پليٽ فارم تي فلسطين مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي موثر نمائندگي تي ساراهيو. نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ منير اڪرم کي گڏيل قومن ۾ ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي موقف کي لاڳيتو اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگر??ن وزيراعظم چيو ??ه عالمي سطح تي ملڪ جي معاشي ڀلائي جي لاءِ موقعن جي نشاندهي ڪرڻ پاڪستان جي سمورن سفارتي نمائندن جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. منير اڪرم نگر??ن وزيراعظم کي پنهنجي مشن جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪيو ۽ نگر??ن وزيراعظم کان پرڏيهي پاليسي جي ڏس ۾ هداي??ون ورتيون.