اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بلوچستان جي چيف سيڪريٽري کي صوبي ۾ زرعي ٽيوب ويلز جي لاءِ بج??ي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آبادگارن جي ڀلائي رياست جي اولين ترجيحن مان هڪ آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان بلوچستان جي زميندار ايڪشن ڪميٽي جي وفد ملاقات ڪئي. وفد نگران وزيراعظم کي بلوچستان ۾ زرعي شعبي جي مسئلن ۽ صوبي ۾ بج??ي جي لوڊشيڊنگ جي مسئ??ي جي حوالي سان آگاهه ??يو. نگران وزيراعظم چيف سيڪريٽري بلوچستان کي صوبي ۾ زرعي ٽيوب ويلز جي لاءِ بج??ي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم صوبائي انتظاميا کي بج??ي جي فراهمي، آبپاشي ۽ آبادگارن جا ٻيا مسئلا حل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته آبادگارن جي ڀلائي رياست جي اولين ترجيحن مان هڪ آهي.