جده-01 ??وم??ر (اي پي پي)اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) اسرائيل طرفان فلسطين ۾ جاري قتل عام ۽ جنگي ڏوهن خاص طور تي جباليه ڪيمپ ۾ تازي قتل عام جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. جد?? ۾ او آءِ سي سيڪريٽريٽ طرفان جاري ڪيل بيان موجب اسرائيلي قابض ف??ج طرفان پناهگير ڪيمپ تي حملي ۾ رهائشي علائقو مڪمل تباهه ۽ سوين فلسطيني شهري شهيد ٿي ويا. او آءِ سي عالمي برادري کان وحشياڻي اسرائيلي جارحيت کي روڪڻ ۽ فلسطيني شهرين کي عالمي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ فوري مداخلت جو مطالبو پڻ ڪيو آهي. او آءِ سي عالمي برادري تي ز??ر ڀريو آهي ته هو بنيادي ??امان جي فراهمي سان گڏوگڏ فوري ۽ ڊگهي انساني امداد کي يقيني بڻائي.