نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (??ي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته نگران وزيراعظم گ??يل ق??من جي جنرل اسيمبلي سميت ٻطرفن ۽ گهڻ رخي فورمز تي پاڪستان جي موقف جي ڀرپور ترجماني ڪئي آهي، پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن جو خواهشمند اهي، ان مقصد جي لاءِ ڪشمير مسئلي کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ٿيڻ گهرجي، موسميا??ي تبديلين جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جهڙن شديد متاثر ملڪن جي فنانسنگ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ عالمي برادري ڪردار ادا ڪري. هو نيويارڪ ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ۽ گڏيل ق??من ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سان گڏ نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. نگران پرڏيهي وزير چيو ته اسان 18 سيپٽمبر کان هن دوري تي آهيون، ان دوران نگران وزيراعظم اعليٰ سطحي ٻطرفيون ملاقاتون ڪي??ن، اهڙي طرح مون نگران پرڏيهي وزير جي حيثيت سان پنهنجي پرڏيهي هم منصبن سان ملاقاتون ڪي??ن، انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفن معاملن کانسواءِ علائقائي ۽ اهم عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ اقتصادي صورتحال جي بهتري سميت واپار ۽ ترقي بابت قدمن کان آگاهه ڪي??. نگران پرڏيهي وزير چيو ته اسان وزارتي سطح تي پڻ ڪيتريون ئي ملاقاتون ڪي??ن آهن. هن چيو ته نگران وزيراعظم گ??يل ق??من جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪي?? جنهن ۾ هن علائقائي صورتحال، افغانستان ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي بابت پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪي??. هن امن ۽ ترقي جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي پڻ اجاگر ڪي??. نگران وزيراعظم موسميا??ي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کان پڻ دنيا کي آگاهه ڪي??. هن ٻڌايو ته پاڪستان ڪمزور ملڪن کي موسميا??ي تبديلين جي اثرن جي نتيجي ۾ آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪي?? آهي، اسان اميد ظاهر ڪئي ته هلندڙ سال نومبر ۾ ٿيندڙ ڪوپ – 28 ۾ عملدرآمد جو مڪينزم جوڙيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان موسميا??ي تبديلين سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي. هن ملڪ ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين ۽ مالي نقصانن بابت پڻ آگاهه ڪي??. نگران پرڏيهي وزير چيو ته اسان او آءِ سي جي ڪشمير ۽ فلسطين بابت گروپس جي اجلاسن کانسواءِ ٻين اهم فورمز ۾ پڻ ڀرپور شرڪت ڪئي. اسان خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي ڪوششن جي لاءِ ڪشمير مسئلي جي گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل جي ضرورت تي زور ڏنو. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير چيو ته اسان مختلف اجلاسن ۽ ملاقاتن ۾ فلسطين جي مسئلي جي حل جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته اسان ڀارت سان امن چاهيون ٿا پر ان جي لاءِ ڪشمير مسئلي جو گڏيل ق??من جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل لازمي آهي. ڪئناڊا ۾ سک اڳواڻ جي قتل جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڀارت ڏکڻ ايشيا جي خطي جي ملڪن ۾ اهڙي طرح جي ڪاررواين ۾ سدائين ملوث رهيو آهي. هاڻي ڪئناڊا ۾ اهڙي طرح جي ڪارروائي سان ڀارت دنيا ۾ پنهنجي ڪردار جي حوالي سان بي نقاب ٿي ويو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان مان ٻين ملڪن جي خلاف ڪاررواين جي روڪٿام بابت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ انهن پاران افغان سرزمين دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿيڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي.