اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي مستونگ ڌماڪي جي سخت مذمت ۽ ڌماڪي جي نتيجي ۾ جي يو آءِ اڳواڻ حافظ حمدالله سميت ٻين ماڻهن جي زخمي ٿيڻ ??ي افسوس جو اظهار ڪيو آ??ي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چي?? ته حافظ حمدالله تي حملي جي مذمت ڪريون ٿا، بيگناهه شهرين ۽ ملڪ جي سياسي شخصيتن کي نشانو بڻائڻ بزدلاڻو فعل آهي، دهشتگردي ۾ ملوث عنصر ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن. هن چي?? ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير ڌماڪي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.