اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف اسان جي پختي عزم کي ڪمزور نه ٿو ڪري سگهجي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پوري قوم م??حد آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته چوڪس هٿياربند فوج جا ٿورائتا آهيون جنهن چترال ۾ پاڪ افغان سرحد ويجهو فوجي چوڪين تي دهشتگردن جي حملن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ دهشتگردن کي وڏو جاني نقصان پهتو آهي. افسوس آهي ته ??نه?? حملن ۾ اسان جي 4 بهادر جوانن شه??دت ماڻي. نگران وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان جو عزم پختو آهي ۽ پوري قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ م??حد آهي.