اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پيمرا ترميمي بل 2023ع قومي اسيمبلي جي اجلاس ۽ اطلاعات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ بحث هيٺ رهيو ۽ اتفاق راءِ سان منظور ٿيو، اهو چوڻ درست ناهي ته هن بل جي تياري ۾ جن ماڻهن سان مشاورت ٿي اهي ڪا معنيٰ نٿا رکن، سمورين ميڊيا تنظيمن ۽ لاڳاپيل اسٽيڪ هولدرز سان بل تي ڊگهي مشاورت ٿي، بل جي ڪنهن به شق تي اعتراض آهي ته ا??هان ترميم پيش ڪريو، پيمرا جو موجوده قانون پرويز مشرف جي دور جو ڪارو قانون آهي جيڪو اسان سڀني ڀوڳيو آهي، پيمرا (ترميمي) بل 2023ع ۾ پيمرا چيئرمين جا اختيار گهٽ ڪيا ويا آهن، 2002ع جي قانون تحت پيمرا جو چيئرمين ڪنهن به چينل کي بند، معطل يا لائسنس رد ڪري سگهي ٿو، هاڻي اهو اختيار ڪائونسل آف ڪمپلينٽ وٽ هوندو جنهن ۾ اپيل جو حق ڏنو ويو آهي. اهڙو اظهار هن سينيٽ جي سڌ سماءَ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ڪيو، اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي ڪنوينر فوزيه ارشد ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2023ع جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪميٽي ج?? ميمبر 7 آگسٽ تائين پنهنجون ترميمون پيش ڪندا، ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير چيو ته پيمرا (ترميمي) بل 2023ع تي سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ڊگهي مشاورت ٿي، قومي اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ هي بل بحث هيٺ رهيو، ٻنهي اتفاق راءِ سان انهن جي منطوري ڏني، اهو چوڻ درست ناهي ته ا?? قانون تي جن ماڻهن سان مشاورت ٿي اها ڪا معنيٰ نٿا رکن، هن قانونن تي لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ٿي، سموريون لاڳاپيل ميڊيا تنظيمون هن بل ۾ شامل رهيون، هن چيو ته پيمرا (ترميمي) بل 2023ع ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي حقن کي تحفظ فراهم ڪري ٿو، هن بل تحت ميڊيا هائوسز ٻن مهينن اندر سموريون بقايائون اد?? ڪرڻ جون پابند هونديون، خلاف ورزي ڪندڙ ميڊيا هائوسز کي هڪ ڪروڙ روپين تائين ڏنڊ ٿي سگهندو جڏهن ته پيمرا چيئرمين جا اختيار گهٽ ڪيا ويا آهن، هن چيو ته پيمرا چيئرمين جي سليڪشن جي باري ۾ به مڪمل طريقيڪار ڏنو ويو آهي، وفاقي وزير چيو ته نيوز پيپر ملازمن لاءِ آءِ ٽي ??ين اي جو پليٽ فارم موجود آهي، هن پليٽ فارم ذريعي اسان ميڊيا مالڪن کان 14 ڪروڙ روپيا رڪوري ڪري نيوز پيپرز ملازمن کي پگهارن جي مد ۾ اد?? ڪيا. هن چيو ته ميڊيا ورڪرز لاءِ اهڙو ڪو به پليٽ فارم موجود نه هو، کين ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ شڪايت جو حق ڏنو ويو آهي، هن چيو ته هن بل تحت ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويو آهي ته ميڊيا هائوس ٻن مهينن اندر پنهنجي ملازمن جون سموريون بقايائون ڪليئر ڪندا، هن چيو ته ا??و درست ناهي ته هائوسز کي پگهارن جي اد??ئيگي ٻن مهينن ۾ ڪرڻ جو پابند ڪيو وڃي، ٻن مهينن جي شرط سمورين بقايائن جي اد??ئيگي جي باري ۾ آهي. هن چيو ته ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي پگهارن کي حڪومتي بزنس سان جوڙيو ويو آهي جيڪڏهن ڪو ميڊيا هائوس ٻن مهينن ۾ سموريون بقايائون ڪليئر نٿو ڪري ته ا?? جا اشتهار جاري نه ڪيا ويندا ۽ خلاف ورزي تي انهن تي هڪ ڪروڙ روپين تائين جو ڏنڊ به لڳي سگهندو، هن چيو ته ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين کي اپيل ۽ درخواست ڏيڻ جو حق ڏنو ويو آهي، ڪميٽي جي ميمبر عرفان صديقي پڇاڻو ڪيو ته ميڊيا ورڪرز کي پگهارن جي وقت سر اد??ئيگي ڪهڙي طرح يقيني بڻائي ويندي؟ هن چيو ته ميڊيا هائوسز کي پابند ڪيو وڃي ته هو هر مهيني پگهارن جي اد??ئيگي بابت پنهنجي اسٽيٽمنٽ ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ جمع ڪرائين، جنهن تي وفاقي وزير چيو ته حڪومتي بزنس کي ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي پگهارن جي اد??ئيگي سان ڳنڍيو ويو آهي، جيڪڏهن ميڊيا هائوسز پگهارون اد?? نه ڪندا ته کين اشتهار جاري نه ڪيا ويندا، هن چيو ته ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ شڪايت ڪندڙ جو تعلق جنهن شهر سان هوندو ان شهر جي ڪورٽ مان اسٽي ورتو ويندو، شڪايت ڪندڙ جي درخواست خلاف ڪنهن ٻي جي شهر جي ڪورٽ مان اسٽي نه ورتو ويندو، هن چيو ته پيمرا آرڊيننس 2002ع پرويز مشرف دور جو ڪارو قانون آهي پيمرا ترميمي بل 2023ع جي تياري ۾ جلد بازي يا تڪڙ کان ڪم نه ورتو ويو، هن بل جي تياري تي ڊگهي مشاورت ٿي، سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي آن بورڊ ورتو ويو. هن چيو ته پيمرا جو موجوده قانون صرف هڪ ماڻهو کي اختيار ڏي ٿو ته هو جيڪ?? چاهي ڪري، هي هڪ اهڙو ڊريڪونين قانون آهي جيڪو اسان ۽ اوهان ڀوڳيو آهي، ڪميٽي جي ميمبرن ۽ صحافين جي اعتراضن جا جواب ڏيندي وفاقي وزير چيو ته ا??و نٿو ٿي سگهي ته ا??هان هڪ موقف ٻڌو، اوهان ٻڌايو ته هن بل ۾ ڪهڙيون غلطيون آهن، اوهان ترميمون پيش ڪريو، پيمرا (ترميمي) بل 20 ڏينهن تائين پبلڪ ڊومين ۾ رهيو آهي، ان تي قومي اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ بحث ٿيو، ڪائونسل آف ڪمپلينٽ، پيمرا چيئرمين جي مقرري ۽ ٻن مهينن جي پگهارن جي اد??ئيگي بابت اعتراض آهن ته ا??ي ختم ڪري سگهجن ٿا، اجلا س ۾ ڪميٽي جي ميمبرن چيو آهي ته پيمرا (ترميمي) بل 2023ع تي اعتراض ڪندڙن پنهنجون ترميمون پيش نه ڪيو، ٿيڻ ته ائين ته گهرجي ها ته ا??ي پنهنجون ترميمون پيش ڪن ٿا، ان موقعي تي ڪميٽي جي ڪنوينر فوزيه ارشد چيو ته بل تي ٻنهي ڌرين جو موقف وٺڻ ضروري هو جيڪڏهن تقابلي نوٽس ملن ها ته ا?? جو جائزو ورتو وڃي ها، هي هڪ سنجيده ۽ اهم آهي، سينيٽ ۾ به ا?? تي بحث ڪيو ويندو، اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 7 آگسٽ تائين ڪميٽي ج?? ميمبر پيمرا بل تي پنهنجون ترميمون پيش ڪندا.