اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن جي مالي خودمختيا??ي جي لاءِ انهن کي هنرمند بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاش??ي جي منفرد صلاحيتون رکندڙ ماڻهن بابت پنهنجي روين کي بدلائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت جي عالمي اداري ۽ جان هاپڪنز يونيورسٽي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد صحت جي عالمي ادا??ي جي پاڪستان ۾ سربراهه ڊاڪٽر پاليٿا مهي پالا جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ??در ۽ خاتون اول جي خصوصي ماڻهن، ڇاتيءَ جي ڪينسر، نفسياتي صحت ۽ صحت جي ٻين مسئلن تي ڪوششن کي ساراهيو. ??در چيو ته خصوصي ماڻهن جي بحالي ۽ انهن جي سهولتن لاءِ انهن کي مددگار ٽيڪنالاجي ڏيڻ جي ضرورت آهي. بحالي ۽ مددگار ٽيڪنالاجي جي خدمتن کي پرائمري ۽ ڪميونٽي سطح تي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. ??در چيو ته خصوصي ماڻهن کي اعليٰ معيار، محفوظ ۽ س??تي بحالي جي خدمتن ۽ مددگار ٽيڪنالاجي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. ??در صحت جي عالمي ادا??ي جي بحالي 2030ع منصوبو شروع ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ جان هاپڪنز يونيورسٽي ۽ صحت جي عالمي اداري کي بحالي ليڊرشپ ڪورس ڪرائڻ تي ساراهيو.