اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پوليو جي خاتمي، موذي مرضن کان ٻارن کي بچائڻ ۽ غذائيت جي کوٽ جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل ??يٽس سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم بل ??يٽس سان صحت ۽ سيڪٽر پروگرامن با??ت مع??مل?? تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي پاڪستان ۾ خدمتن کي ساراهيندي چيو ته بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن سان گڏجي جاري تعاون کي وڌيڪ بهتر ۽ نتيجاخيز بڻائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته وسيلن ۾ سڀني جي شموليت جي لاءِ موجوده حڪومت خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي. بل ??يٽس وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۽ پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پوليو وائرس کان ٻارن کان معذور ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور جاري رکندو. وزيراعظم ۽ بل ??يٽس غذائيت جي کوٽ اسٽينڊ??ڊ گروٿ (اڻ مڪمل واڌويجهه) بيمارين کان بچاءُ جي لازمي خدمتن جي فراهمي با??ت ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان کانسواءِ مائيڪرو پيمنٽ گيٽ وي (راست) ۽ قومي بچاءُ پروگرام کي ڊيجيٽل ڪرڻ با??ت معاملا به غور هيٺ آيا. وزيراعظم ۽ بل ??يٽس ويجهي تعاون ۽ گڏيل حصيداري سان ڪم جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو. واضح رهي ته بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن پاڪستان ۾ صحت ۽ ٻين سماجي ڀلائي جا پروگرام هلائي رهي آهي.