اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪامسٽيڪ جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعليمي ۽ سائنسي تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? آه?? ته ان سان مسلمان ملڪن کي مختلف شع??ن ۾ درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، هن وقت اوپن سورس علم جي ڪثرت موجود آه?? جنهن مان مسلمان ملڪن کي مڪمل طور تي فائدو کڻڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون (ڪامسٽيڪ) بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سائينٽفڪ ايڊوائيزري ڪائونسل جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ڪامسٽيڪ جو ڪوآرڊينيٽر جنرل پروفيسر ڊاڪٽر ايم اقبال چوڌري وفد جي قيادت ڪري رهيو هو. صدر وفد جي آجيان ڪندي چي?? ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ ٿيندڙ ترقي جي ڪري دنيا تيزي سان تبديلين مان گذري رهي آه?? ۽ اسلامي ملڪن کي تيزي سان بدلجندڙ دنيا سان هم آه??گ رهڻ جي لاءِ پنهن??ي صلاحيتن کي مضبوط ڪرڻ ۽ تيز رفتار فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آه??. هن چي?? ته علم جي دستيابي ۽ جمهوريت وڌيڪ موقعا فراهم ڪيا آه?? جنهن مان مسلمان ملڪن کي ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. صدر مصنوعي ذهانت جهڙي اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز مان فائدو کڻڻ سان گڏوگڏ تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شع??ن ۾ مسلمان ملڪن کي درپيش مسئلن جا حل ڳولڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن وڌيڪ چي?? ته ڪامسٽيڪ جي سائنسي مشاورتي طريقيڪار سان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي قومي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي. وفد صدر کي او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شع??ن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪامسٽيڪ پاران کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. شرڪت ڪندڙن اعليٰ تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ جدت جي شع??ن ۾ چئلينجز ۽ موقعن تي روشني وڌي ۽ مسلمان ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ مختلف تجويزون پڻ ڏنيون. صدر شرڪت ڪندڙن پاران پيش ڪيل خيالن سان گڏوگڏ ڪامسٽيڪ پاران ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعليمي ۽ سائنسي تعاون جي فروغ جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو.