اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪشمير ??سئلو نن??ي کنڊ جي ورڇ جي هڪ اڻ مڪمل ايجنڊا آهي، ڀا??ت جي والاريل ڪشمير کي پنهنجو حصو ثابت ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندي، هر پاڪستاني جي دل پنهنجي ڪشميري ڀا??رن سان گڏ ڌڙڪي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. وزيراعظم پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڀا??ت پاران ڪشمير تي ڪوڙي پروپئگنڊه ۽ والاريل واديءَ ۾ تازي جي – 20 اجلاس گهرائي دنيا کي غلط تاثر ڏيڻ جي ڪڌي ڪوشش کي سڄي دنيا ۾ بي نقاب ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو. وزيراعظم پرڏيهي وزير جي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ??انونساز اسيمبلي ۾ ڪشميرين جي امنگن جي ترجماني سان ڀرپور خطاب کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته ڪشمير ??سئلو نن??ي کنڊ جي ورڇ جي هڪ اڻ مڪمل ايجنڊا آهي، ڀا??ت جي والاريل ڪشمير کي پنهنجو حصو ثابت ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندي، هر پاڪستاني جي دل پنهنجي ڪشميري ڀا??رن سان گڏ ڌڙڪي ٿي.