اسلام ??باد – 01 – مئي (اي پي پي) حڪومت قومي صنعتي لاڳاپا ڪميشن (اين ??ءِ آر سي) جي 8 ميمبرن جي مقرري ڪري ڇڏي جنهن جو اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت وفاقي ڪابينا جي منظوري جي روشني ۾ باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اطلاعات واري وزارت پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب 8 شخصيتن جي اين ??ءِ آر سي جي ميمبرن طور مقرري ڪئي وئي آهي انهن ۾ رٽائرڊ سول سرونٽ سيد نورالحسنين، رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ ??ينڊ سيشن ججن عبدالقيوم، سهيل اڪرم، محمد زبير خان ۽ شبير حسين ??عواڻ کي ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي. وڪيلن مان محمد سراج الاسلام ??ان، عبدالغني ۽ منور حسين ??وري پن اين ??ءِ آر سي جي مقرر ٿيندڙ ميمبرن ۾ شامل آهن. ڪابينا اطلاعات واري وزارت جي سمري تي انهن خالي جاين ??ي مقررين جي منظوري ڏني هئي. ياد رهي ته اهي عهدا 9 مهينن کان خالي هئا. صنعتي تڪرارن جي حل لاءِ ڪميشن قائم ڪئي و??ي ٿي، اها ڪميشن پورهيتن جي انجمنن جي پڻ رجسٽريشن ڪري ٿي. مزدورن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي حالتن جي بهتري لاءِ قائم اين ??ءِ آر سي اطلاعات واري وزارت جو ذيلي ادارو آهي. اها اين ??ءِ آر سي انڊسٽريل ريليشنز ڪميشن (آئي آر اي) جي سيڪشن 53 تحت قائم ڪئي و??ي ٿي. مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو اهو مزدورن ۽ پورهيتن جي لاءِ هڪ تحفو آهي.