اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لائرز ويلفيئر اينڊ پروٽيڪشن بل 2023ع جي منظوري تي سڄي ملڪ جي وڪيل برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو آه?? ته الله جو شڪر آه?? ته وڪيل برادري سان ڪيل واعدو پورو ڪري ڇڏيو آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته هڪ مهينو اڳ وڪيلن مون سان ملاقات ڪئي هئي ۽ مون انهن سان اهو قانون جلد منظور ڪرائڻ جو واعدو ڪيو هو. وزيراعظم چيو ته وڪيلن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آه??، انهن جو تحفظ ?? ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آه??. پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جا ميمبر ساراهه لائق آه?? جن هڪ نئين تاريخ لکي آه??، سڀني جي حقن جي لاءِ وڙهندڙ وڪيلن جي پنهنجي حقن جي حوالي سان اُها اڳڀرائي نه ٿي جيڪا ٿيڻ گهرجي ها. وڪيل برادري جي وڌيڪ بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪ??دا رهنداسين.