اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته چونڊن ۾ دير نه ٿيندي، پڪو يقين آهي ته چونڊون وقت تي ٿينديون، وقت سر چونڊن سان ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال بهتري جي راهه کلندي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز جي وفد ??ان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر پاڪستان جي آئين جي پاسداري جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? ته اسان جي تاريخ ثابت ڪري ٿي ته چونڊن ۾ دير سان جمهوريت کي نقصان پهتو. هن چي?? ته خيبرپختونخواهه جو گورنر هڪ جمهوري شخص آهي، صدر گورنر کي آئين ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ جو مشورو ڏنو. ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته صدر جي حيثيت سان پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪري رهيو آهيان، سپريم ڪورٽ به فيصلن جي توثيق ڪئي، اختلاف گهٽ ڪرڻ ۽ سياسي پارٽين ۾ مفاهمت جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر چي?? ته ملڪ جي خاطر ڪنهن به شخص يا سياسي پارٽي سان ملڻ لاءِ تيار آهيان، پي ٽي آءِ جي قيادت کي به ٻين سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪرڻ جو چي??، حڪومت سان سٺا لاڳاپا آهن. صدر چي?? ته پڪو يقين آهي ته پاڪستان ڪنگال نه ٿيندو، بهتر ۽ موثر مالياتي انتظام ملڪ کي درپيش معاشي مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا. صدر چي?? ته ڪرپشن جي خلاف آهيان ڇو ته ان پاڪستان کي بري طرح نقصان پهچايو، انهي لاءِ نيب ترميمي بل واپس ڪيو. صدر چي?? ته فيصلاسازي ۾ دير?? ميرٽ جي خلاف ورزي، پنهنجا نوازي ۽ ڪرپشن پاڪستان کي کوکليو ڪيو?? ميڊيا سچا ۽ ذميواراڻا تجزيا ۽ راءِ پ??ش ڪري ماڻهن کي تعليم ڏي. صدر چي?? ته نئين ميڊيا جي عروج جي باوجود پرنٽ ميڊيا اڃا به ماڻهن جي راءِ جوڙڻ ۽ ??هم مسئلن کان آگاهه ڪرڻ ۾ ??هم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر پاڪستان ۾ اظهار راءِ جي آزادي کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.