اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي زال مشعال حسين ملڪ چيو آه?? ته جمهوريت جو ڪوڙو لباس پائي ڀارت نام نهاد ري پبلڪ ڊي ملهائي رهيو آه??، ڀارت دنيا کي دوکو ڏيڻ لاءِ اهو ڏينهن ملهائيندو آه??، ڀارتي فوج گذريل 75 سالن کان سموري ڪشميري قوم جو رت وهائي رهي آه??. ڀارت جي نام نهاد يوم جمهوريا تي پنهنجي بيان ۾ مشعال ملڪ چيو ته جمهوريت جو ڪوڙو لباس پائي ڀارت ڪشميرين جي مسل ڪشي ?? مصروف آه??. ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لکن جي تعداد ۾ مقرر ڀارتي فوج ڪشميرين کي گولين جو شڪار ڪري رهيا آه??. ڀارتي فوج هٿان ڪشميري عورتن جي عزت پڻ محفوظ ناهي، ڀارتي فوج ڪشميرين جي گهرن کي ساڙي رهي آه??. مشعال ملڪ چيو ته ڀارتي فوج کان ننڍا معصوم ڪ??ميري پڻ محفوظ ناهن، ڀارتي حڪومت سياسي جدوجهد تي ڪشميري اڳواڻن تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا آه??. ڏهه لک فوج سان گڏ ڀارتي حڪومت پنجاهه لک هندوستانين کي پڻ ڪشميري سڃاڻپ ڏئي ڇڏي. مشعال ملڪ چيو ته ڪشميرين تي پنجاهه لک هندن کي پڻ مسلط ڪيو ويو، والاريل ڪشمير ڀارتي فوج جي ڪالوني بڻجي چڪو آه??. دنيا ڀارت جي نام نهاد جمهوريت جي پٽي اکين تان هٽائ?? ۽ ??ارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ زيادتي کي ڏسي.